ڀلي پار تان ڀيرو - ڪتاب

ڀلي پار تان ڀيرو - ڪتاب

ڀلي پار تان ڀيرو

ڀلي پار تان ڀيرو (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ الطاف شيخ جو لکيل آهي، هي ڪتاب حج ۽ عمري جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سفر بابت مختلف شين جي ڄاڻ سان گڏ حج ۽ عمري جا طريقا ۽ انهن جون دعائون، ڪعبة الله ۽ مسجد نبوي جو تفصيلي احوال، مڪي ۽ مديني جي زيارتن جو احوال، سفر دوران رڌ پچاءَ ۽ رهائش جو ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ رنگين تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، جيڪي منيٰ، عرفات، تاريخي مسجدن ۽ ٻين زيارتن جون آهن. هي ڪتاب حج ۽ عمري جي سفر جو بهترين سونهون (Guide) آهي. سفر ۽ اتي جي عبادت بابت ڄاڻ ۽ معلومات جي خيال کان الطاف شيخ جو هي ڪتاب گهڻو ڪارائتو آهي. هي ڪتاب روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو شايع ڪرايو آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو 2000ع ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ شايع ٿيو. پڪي جلد سان 376 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو